راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پنگجور ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافتا ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي.
سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي ڀرپور نموني نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ مقامي ڪمانڊر فاروق عرف سورو، عديل ۽ وسيم شامل آهن، سندن قبضي مان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو برآمد ڪيو ويو ۽ اهي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like