اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر ڪسٽمز ويليوئيشن پرڏيهه مان درآمد ڪيل پراڻن موبائل فونن جي نظرثاني ٿيل ڪسٽم ويليو جاري ڪري ڇڏي.
نئين ۽ گهٽ قيمت سبب چار وڏن برانڊن جي مجموعي طور 62 ماڊلز تي لاڳو پي ٽي اي ٽيڪس ۾ لاٿ ايندي.
نئين ويليوئيشن اگهن تحت هڪ مشهور برانڊ جي فون جي ڪسٽمز ويليو ۾ 32 سيڪڙو کان 89 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ويليوئيشن اختيارين موجب، اڳئين طريقيڪار ۾ قيمتون وڌائي ڏيکارڻ، انڊر انوائسنگ ۽ استعمال ٿيل فونن جي گريڊنگ سبب ڪليئرنس ۾ دير ٿيندي هئي، جنهن جو بار آخرڪار واهپيدارن تي پوندو هو.