چترال (ويب ڊيسڪ) چترال جي علائقي ڊوميل ۾ هڪ گهر مٿان برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڊي سي آفيس چترال موجب، ڊوميل ۾ هڪ گهر تي برفاني ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته هڪ ٻار زخمي ٿي پيو آهي.
ڊي سي آفيس جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ 4 عورتون ۽ 5 مرد شامل آهن، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
واضح رهي ته خيبر ضلعي جي وادي تيراهه ۾ شيد برفباري سبب ڦاٿل آءِ ڊي پيز کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
خيبر جي ڊپٽي ڪمشنر موجب، ضلعي انتظاميا جي نگراني هيٺ وقتائتا قدم کنيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سمورا متاثر خاندان محفوظ رهيا آهن.