گل پلازا سانحي جي چاج ۾ اهم اڳڀرائي، ملبي مان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون ڊي وي آرز هٿ

ڪراچي)ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ باهه سبب سڙي رک ٿي ويل گل پلازا ۾ ستين ڏينهن به ريسڪيو ۽ جاچ آپريشن جاري رهيو، جنهن دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ عمارت اندر لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون ٻه ڊي وي آرز هٿ ڪيون ويون آهن.
انتظاميا موجب، هٿ آيل ڊي وي آرز کي جاچ لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رڪارڊنگ ذريعي عمارت ۾ آخري ڀيرو داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهندي.
ٻئي پاسي، ملبي هيٺان هٿ آيل 67 لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، جن مان نشاندهي بعد 16 مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ملبي هٽائڻ دوران لاش نه پر رڳو هڏا ملي رهيا آهن، جنهن مان باهه جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.