ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي هڪ اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳواڻ بلال منصور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سعيد غني، سهيل انور سيال ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد پڻ موجود هئا.
ملاقات دوران بلال منصور پيپلز پارٽي ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪئي، جڏهن ته فريال ٽالپر کيس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چيو.
ان کان اڳ، 9 ڊسمبر 2026 تي مظفرآباد ۾ پي ٽي آءِ کي وڏو ڌچڪو لڳو هو، جتي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسيمبلي اميدوار سردار شاهنواز اختر پنهنجي سوين ڪارڪنن سميت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو.
تقريب دوران آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سردار شاهنواز اختر کي هار پارائي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪيو هو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي فاروق حيدر چيو هو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي بهتر ڪارڪردگي جا اثر آزاد ڪشمير تائين پهچي رهيا آهن.
تقريب دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن پڻ مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڀمبر، آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي تعلقي صدر طارق محمود به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.
پريس ڪانفرنس دوران طارق محمود چيو هو ته جيڪا پارٽي ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث رهندي ان جو حصو نٿو رهي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو هو ته وطن ۽ پاڪ فوج کان وڌ ڪري ڪجهه به ناهي.