ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان پنهنجو موبائل فون وڪڻڻ، ڪنهن کي ڏيڻ يا مرمت ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهيو ته ان کان اڳ اوهان کي هي اهم قدم ضرور کڻڻ گهرجن.
اڄ جي دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جتي سمارٽ فون موجود نه هوندي. سمارٽ فون هاڻي رڳو رابطن لاءِ استعمال نٿو ٿئي، پر ان ۾ واهپيدارن جي ذاتي ڄاڻ، تصويرون، وڊيوز ۽ اڪائونٽس پڻ محفوظ هوندا آهن.
پر گهڻي ڀاڱي ماڻهو نوان ماڊل خريدڻ لاءِ پنهنجو پراڻو موبائل وڪڻي يا ڪنهن کي استعمال لاءِ ڏئي ڇڏيندا آهن يا خراب ٿيڻ جي صورت ۾ موبائل شاپ يا فرنچائز تي مرمت لاءِ ڏيندا آهن، جنهن سبب سندن ذاتي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو خطرو موجود هوندو آهي.
ڇا اوهان پنهنجو موبائل فون وڪڻڻ، ڏيڻ يا مرمت ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهيو؟ ته ترسو ۽ پنهنجي پرائيويسي جي تحفظ لاءِ هي قدم لازمي کڻو.
ان حوالي سان پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان به هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڀ کان پهرين پنهنجي موبائل فون کي فيڪٽري ري سيٽ ڪريو، پر اهو ڪافي ناهي، ڇو ته ري سيٽ ڪرڻ سان ڊيٽا ته ختم ٿي وڃي ٿي، پر جديد سافٽ ويئر ذريعي ٻيهر حاصل به ڪري سگهجي ٿي.
ان لاءِ هاڻي انڪرپشن چيڪ ڪريو ۽ ري سيٽ ڪرڻ کان اڳ اها تصديق ڪريو ته فون مڪمل طور تي ”اِنڪرپٽڊ“ (محفوظ) آهي يا نه.
ان مقصد لاءِ سڀ کان پهرين فون جي سيٽنگز ۾ وڃو، ان کان پوءِ چيٽ چونڊيو، پوءِ چيٽ بيڪ اپ تي ڪلڪ ڪريو ۽ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن وارو آپشن چونڊي ڊيٽا کي اوور رائيٽ ڪريو.
ري سيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه غير ضروري تصويرون يا وڊيوز فون ۾ منتقل ڪريو ۽ پوءِ ٻيهر ري سيٽ ڪريو ته جيئن پراڻي ڊيٽا مڪمل طور ختم ٿي وڃي.
ان کانپوءِ سمورا اڪائونٽس ختم ڪريو، گوگل، ايپل آءِ ڊي، سام سنگ يا سوني آءِ ڊي سميت سڀ اڪائونٽس هٽايو نه ته نئون واهپيدار فون استعمال نٿو ڪري سگهندو.
پر انهن سمورن قدمن کان اڳ بيڪ اپ ضرور وٺو. پنهنجي ڊيٽا گوگل ڊرائيو، آءِ ڪلائوڊ، ميموري ڪارڊ يا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ سم ڪارڊ ۽ ميموري ڪارڊ ڪڍي ڇڏيو ته جيئن اوهان جو نمبر يا ذاتي ڊيٽا ڪنهن ٻئي جي هٿ نه لڳي ڇو ته اوهان جي ڄاڻ اوهان جي ذميواري آهي.
ڇا توهان پنهنجو فون وڪڻڻ، ڏيڻ يا مرمت ڪرائڻ جو سوچي رهيا آهيو؟ ترسو، پهرين هنن ڳالهين تي عمل ڪريو
You might also like