اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت هڪ اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زال کي گهورڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ زال کي سندس مرضي کانسواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ کي به سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ وائلنس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو، جيڪو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لاڳو هوندو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ زال، ٻارن، گهر جي بزرگ فردن، هنج ورتل ٻارن، ٽرانسجينڊر ۽ گهر ۾ گڏ رهندڙ سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿيندو.
قانون موجب، زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي گاريون ڏيڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تڪليف پهچائڻ به ڏوهه هوندو ۽ اهڙي ڏوهه ۾ ملوث فرد کي ٽن سالن تائين قيد ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2026 ۾ زال ۽ ٻارن کانسواءِ گهر ۾ موجود معذور يا بزرگ ماڻهن جو پيڇو ڪرڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، زال کي مرضي کانسواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رکڻ، گهر ڀاتين جي پرائيويسي يا ساک کي ڇيهو رسائن به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
ايڪٽ موجب، زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي جسماني نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، گڏ رهندڙ ڪنهن به ڌر تي الزام لڳائڻ، زال، ٻارن يا ٻين گهر وارن جو خيال نه رکڻ به سزا جوڳو ڏوهه هوندو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ ۾ جنسي استحصال سان گڏ معاشي استحصال کي به شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳڻي پوندي.
قانون ۾ عدالتن کي شڪايتن تي ترت ٻڌڻي جو پابند بڻايو ويو آهي، جنهن تحت درخواست داخل ٿيڻ کان 7 ڏينهن اندر ٻڌڻي ۽ 90 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ لازمي هوندو.
قانون موجب، متاثر شخص کي گڏيل رهائش گاهه ۾ رهڻ جو حق حاصل هوندو، يا جوابدار کي متبادل رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوندو، يا متاثر فرد لاءِ شيلٽر هوم فراهم ڪيو ويندو. تشدد ڪندڙ شخص کي متاثر شخص کان پري رهڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪيل قانون ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته تشدد ڪندڙ شخص کي جي پي ايس ٽريڪر پائڻ جي هدايت ڏني ويندي.
قانون موجب، گهريلو تشدد مان مراد جسماني، جذباتي، نفسياتي، جنسي ۽ معاشي بدسلوڪي آهي، جنهن سان متاثر شخص ۾ ڊپ پيدا ٿئي يا جسماني ۽ نفسياتي نقصان پهچي.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ ۾ زال کي گهورڻ، ٻي شادي يا طلاق جي ڌمڪي ڏيڻ کي به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ 3 سال قيد جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت گاريون ڏيڻ ۽ جذباتي يا نفسياتي طور تڪليف پهچائڻ به ڏوهه هوندو.