آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان، بابر ۽ شاهين جي واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو، جڏهن ته بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ان کانسواءِ فخر زمان، صائم ايوب، شاداب خان، نسيم شاهه، فهيم اشرف ۽ محمد وسيم جونيئر اسڪواڊ ۾شامل آهن.
محمد سلمان مرزا، ابرار احمد، محمد نواز، عثمان طارق، خواجه محمد نافع، صاحبزاده فرحان ۽ عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر) پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم 28 جنوري تي پاڪستان پهچندي، ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 29 ٻي 31 جنوري جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ پهرينفيبروري تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.