پاڪستان طرفان غزا امن بورڊ ۾ شموليت جي فيصلي تي جماعت اسلامي جو سخت ردعمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم طرفان غزا بورڊ آف بيس ۾ شموليت لاءِ آمريڪي صدر جي آڇ قبولڻ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اها آبادياتي نظام جي نئين شڪل آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته ان ۾ عراق کي تباهه ڪندڙ ٽوني بليئر جهڙا ڏوهي موجود آهن، بورڊ آف پيس فلسطينين جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضي جو نئون نظام آهي، نئين سر تعمير جي نالي تي غزا تي آمريڪي قبضو قبول ناهي.
هن چيو ته پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو اهو موقف ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تحت غزا امن منصوبي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي حقيقتن جي ابتڙ آهي، پاڻ ٽرمپ چئي چڪو آهي ته ان جو بورڊ آف پيس هڪ ڏينهن گڏيل قومن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو، ٽرمپ جي ان موقف باوجود پاڪستان جو بورڊ ۾ شموليت جو ڪهڙو جواز آهي؟
سندس چوڻ هو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح انداز ۾ چئون ٿا ته پاڪستان جي فوج ڪنهن به صورت غزا نه وڃڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.