ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گل پلازا ۾ خوفناڪ باهه کانپوءِ ملبي مان نڪرندڙ رقم چوري ڪندڙ مبينا مزدور کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس موجب هڪ مزدور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو متاثر عمارت جي ملبي مان نڪرندڙ رقم چوري ڪري رهيو هو.
پوليس ٻڌايو ته مبينا مزدور ملبي مان هٿ آيل روڪ رقم لڪائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي موجود انتظاميا کيس پڪڙي ورتو.
پوليس مبينا مزدور کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
You might also like