”بسم الله“ پڙهي رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) رنگ روڊ تي گاڏي جي چيڪنگ دوران شهري کان رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.
راوي روڊ ٿاڻي تي مقرر اهلڪار عبدالرحمان رنگ روڊ تي شهري کان رشوت ورتي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ اهلڪار شهري کان رشوت جي رقم وڌائڻ جو مطالبو ڪندو رهيو ۽ بسم الله پڙهي پيسا کيسي ۾ وڌائين، جڏهن ته شهري کي گاڏي جا ڪاغذ گڏ رکڻ جي هدايت به ڪيائين.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران نوٽيس ورتو، جنهن تي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.