ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 22 جنوري تي سنڌ ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري سگهي ٿو، ان سسٽم تحت ڄامشوري، دادو، ٺٽي، سجاول ۽ حيدرآباد ۾ خميس تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ نوشهري فيروز ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي.
شهيد بينظير آباد، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به 22 جنوري تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته ان سسٽم سبب ڪراچي ۾ 22 جنوري تي هلڪي کان وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي.
You might also like