ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ مبينا طبي غفلت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ عورت دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پيرسن پيءُ کي اسپتال عملي طرفان غلط دوا ڏني وئي.
وڊيو ۾ عورت چئي ٿي ته دوا تي داخل نالو ۽ عمر ان جي پيءُ سان مطابقت نٿي رکي، جڏهن ته جنهن مرض جي دوا ڏني وئي آهي، سندس پيءُ ان ۾ مبتلا ئي ناهي.
وائرل وڊيو ۾ عورت ٻڌايو ته جڏهن مان اسپتال عملي کان دوا بابت پڇيو ته عملي ٻڌايو ته اها ٿائرائيڊ جي دوا آهي پر مون کين چيو ته منهنجي پيءُ کي اهڙي ڪا بيماري ناهي، ان باوجود عملي غير ذميواراڻو رويو اختيار ڪندي چيو ته ان بابت اسان کي خبر ناهي.
عورت وڊيو ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سندس پيءُ پيرسن آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته لاپرواهي ڪئي وڃي، اهو معاملو ڪنهن غلط فهمي نه پر واضح ثبوت سان سامهون آيو آهي.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار اسپتال انتظاميا ۽ عملي تي سخت تنقيد ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ڪراچي جي اسپتال ۾ مبينا طبي غفلت، پيرسن کي غلط دوا ڏيڻ تي ڌيءُ جون دانهون، وڊيو وائرل
You might also like