ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پٽ جنيد صفدر جي شادي تي پنهنجي تياري ۽ لباس سبب ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي گذريل ڏينهن لاهور جي هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٿي، جنهن ۾ مريم نواز سان گڏ نواز شريف، شهباز شريف، گهر ڀاتين، وفاقي، صوبائي وزيرن توڙي پرڏيهي مهمانن شرڪت ڪئي.
پٽ جي شادي تي مريم نواز جي تياري ڏسڻ وٽان هئي، جنهن تي بختاور ڀٽو زرداري به تعريف بنا نه رهي سگهي.
بختاور جي پوسٽ تي شرميلا فاروقي به تبصرو ڪيو ۽ چيو ته مان به پنهنجي پٽ جي شادي تي ائين ئي خوبصورت نظر اچڻ چاهيان ٿي.
You might also like