هانيا عامر ۽ عاصم اظهر پاڪستاني شوبز جا ٻه مقبول ستارا آهن، جيڪي ماضي ۾ پنهنجي تعلق ۽ پوءِ عليحدگي سبب خبرن ۾ رهيا.
هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هانيا ۽ عاصم ۾ وري ويجهڙائيون ٿي ويون آهن.
هانيا ۽ عاصم لاڳاپن ۾ بحالي جي حوالي سان اشارا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاصم اظهر، هانيا سان ٻيهر رابطو ڪرڻ کان اڳ پنهنجو مڱڻو به ختم ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته اڄڪلهه ٻئي هڪٻئي جي خانداني تقريبن ۾ به شريڪ ٿي رهيا آهن.
اداڪارا هانيا عامر تازو پنهنجي شادي بابت پکڙجندڙ افواهن ۽ مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هانيا عامر چيو ته ايڏن افواهن کانپوءِ هاڻ ته مان پاڻ به شادي جو سوچڻ لڳي آهيان.
هن چيو ته جيڪڏهن شادي ٿي ته سادي تقريب کي ترجيح ڏينديس.
You might also like