ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي موقف تي قائم آهي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ڍاڪا ۾ آءِ سي سي وفد سان ٿيندڙ ميٽنگ جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي
بي سي بي موجب آءِ سي سي وفد سان ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي معاملي تي بحث ٿي، جنهن ۾ بنگلاديش جون ميچون ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي باضابطا درخواست کي ورجايو ويو.
بي سي بي ٻڌايو ته آءِ سي سي وفد سان بنگلاديشي حڪومت جون هدايتون ۽ سيڪيورٽي خدشا به شيئر ڪيا ويا.
پڌرائيءَ موجب سموري گفتگو تعميري، خوشگوار ۽ پيشيوراڻي ماحول ۾ ٿي، ڌرين لاڳاپيل معاملن تي کليل نموني ڳالهايو، لاجسٽڪ معاملن کي ڏسندي بنگلاديش کي ڪنهن ٻئي گروپ ۾ منتقل ڪرڻ جي امڪان تي به ڳالهه ٿي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي وفد ۾ جنرل مينيجر ايونٽس اينڊ ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشنز گوروو سڪسينا ۽ جنرل مينيجر انٽيگريٽي يونٽ انڊريو ايفرگريو شامل هئا، گوروو سڪسينا ويزا دير ملڻ سبب اجلاس ۾ آن لائن شريڪ ٿيو.
پڌرائيءَ موجب سي بي بي ۽ آءِ سي سي معاملي تي ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
You might also like