ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته آصف علي زرداري ۾ ڪا ته ڳالهه آهي جو هو ٻيو ڀيرو سويلين صدر بڻيو آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته هنن چونڊن کي مان چونڊون نٿو سمجهان، بلاول ڀٽو کي هارايو ويو، عطا تارڙ کٽي ئي نٿو سگهي.
هن چيو ته لاهور پ پ جي جان آهي، لاهور مان بلاول هارائي وڃي اهو مان نٿو مڃان، اڳ ۾ اهو ٿيندو رهيو ته پ پ ۽ ن ليگ وارا هڪٻئي جا پير ڪڍندا رهيا.
Next Post
You might also like