ايران جا محب وطن ماڻهو احتجاج جاري رکن، مدد پهچڻ واري آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ جاري احتجاج جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران جا محب وطن ماڻهو احتجاج جاري رکن، مدد پهچي رهي آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران جا محب وطن ماڻهو احتجاج جاري رکن، پنهنجي ادارن تي قبضو ڪن، قاتلن ۽ ظلم ڪندڙن جا نالا ياد رکن، انهن کي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي.
هن چيو ته اسان احتجاج ڪندڙن جو قتل عام بند ٿيڻ تائين ايراني اختيارين سان پنهنجون ملاقاتون رد ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.