برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر فريڊرش ميرس چيو آهي ته ايراني حڪومت پنهنجي رٽ وڃائي چڪي آهي.
ڊسمبر جي آخر کان ايران ۾ جاري احتجاجي مظاهرن تي جرمن چانسلر چيو ته موجوده ايراني قيادت پنهنجي انجام جي ويجهو پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪا حڪومت رڳو تشدد ذريعي اقتدار ۾ رهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته اها عملي طور ختم ٿي چڪي آهي، منهنجو يقين آهي ته اسان شايد هن حڪومت جي آخري هفتن يا ڏينهن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون.
You might also like