بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران ڪشمير جي شڪسگام وادي بابت ڪيل دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته شڪسگام چين جو علائقو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ چيو ته چين کي پنهنجي سرزمين تي تعميراتي سرگرميون انجام ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي، جنهن علائقي جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، اهو چين جو حصو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جمعي ڏينهن چيو هو ته شڪسگام وادي ڀارتي علائقو آهي ۽ نئين دهلي پنهنجن مفادن جي بچاءَ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
هن چيو هو ته ڀارت 1963ع ۾ ٿيل نالي ماتر چين-پاڪستان سرحدي معاهدي کي ڪڏهن به تسليم ناهي ڪيو ۽ ان معاهدي کي غير قانوني ۽ بي اثر سمجهي ٿو.
ڀارتي ترجمان اهو به چيو هو ته نئين دهلي نالي ماتر چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) کي پڻ تسليم نٿو ڪري.
سندس چوڻ هو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جون سموريون يونين ٽيريٽريز ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهن ۽ اهو موقف پاڪستاني ۽ چيني عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا چٽو ڪري ٻڌايو ويو آهي، ڀارت شڪسگام وادي ۾ زميني حقيقتون بدلائڻ جي چيني ڪوششن خلاف لڳاتار احتجاج ڪندو رهيو آهي.
ڀارتي موقف جي جواب ۾ چيني ترجمان مائو ننگ چيو ته چين ۽ پاڪستان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سرحدي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون ۽ ٻنهي ملڪن پنهنجي سرحدن جي حدبندي ڪئي هئي، جيڪو خودمختيار رياستن جو حق آهي.
هن چيو ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري هڪ اقتصادي سهڪار جو منصوبو آهي، جنهن جو مقصد مقامي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.
You might also like