ممبئي (ويب ڊيسڪ) وراسٽائل اداڪارا تاپسي پنو بالي ووڊ جي ڀوائتي حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو.
تاپسي پنو ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران فلم انڊسٽري جي پردي پٺيان هلندڙ نظام تي تفصيلي روشني وڌي ۽ پي آر جي وڌندڙ ڪردار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
اداڪارا انٽرويو ۾ ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران هن ڄاڻي واڻي پنهنجو ڪم گهٽايو، جنهن کان پوءِ کيس اهو سمجهڻ جو موقعو مليو ته انڊسٽري ۾ پي آر جو ڪيئن استعمال ٿي رهيو آهي.
تاپسي موجب، ماضي ۾ پي آر جو مقصد گهڻي ڀاڱي پنهنجي فلم يا ڪم کي عام ڪرڻ هوندو هو، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو نه رڳو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ تي پئسو خرچ ڪري رهيا آهن پر ٻين کي هيٺانهون ڏيکارڻ لاءِ به منفي مهمون هلايون پيون وڃن.
تاپسي سوال اُٿاريو ته نيٺ ڪنهن جي ڪاميابي کي ڪنهن ٻئي جي نقصان سان ڇو پيو جوڙيو وڃي.
اداڪارا اهو به چيو ته ڪيئي فنڪار رڳو خبرن ۾ رهڻ لاءِ مصنوعي ساک ٺاهي رهيا آهن، ڇو ته هو پنهنجي ڪم جي آڌار تي ائين نٿا ڪري سگهن.
تاپسي واضح ڪيو ته هوءَ پي آر جي ناڪاري مضمون لڳائڻ تي پئسو لڳائڻ بدران پنهنجي ڪمائي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن پيارن تي خرچ ڪرڻ پسند ڪري ٿي.
واضح رهي ته تاپسي پنو ويجهڙ ۾ مدثر عزيز جي فلم ”کيل کيل مين“ ۾ نظر آئي هئي ۽ اڄڪلهه هوءَ ديو اشيش مکرجي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ”گنڌاري“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.
بالي ووڊ ۾ ساڙ ۽ خوشامد آهي، اداڪار پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ لاءِ پئسن تي مضمون لکرائن ٿا: تاپسي پنو
You might also like