سون جي اگهه سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 81 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 771 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 13 هزار 118 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر واڌ سان 4595 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.