پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازي آهي، ليجنڊز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: حميرا چنا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا حميرا چنا پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازي ۽ جانبداري تي کليل نموني تنقيد ڪئي آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي حميرا چنا چيو ته ميوزڪ انڊسٽري ۾ پنهنجا نوازي ان حد تائين وڌي چڪي آهي ته جو موقعا ڪجهه مخصوص فنڪارن تائين محدود ٿي رهجي ويا آهن، جڏهن ته تجربي ڪار گلوڪارن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته انڊسٽري ۾ فيورٽ ازم عام آهي، اها صورتحال افسوسناڪ ضرور آهي پر حقيقت اها ئي آهي ۽ ضروري آهي ته انڊسٽري سڀني فنڪارن کي گڏ کڻي هلي ۽ اصل صلاحيت کي ترجيح ڏئي.
سندس موجب اڪثر چيو ويندو آهي توهان ليجنڊ آهيو پر ڪير اهو ناهي چوندو ته توهان وٽ ڪم به آهي يا نه، جڏهن ڪو فنڪار لاڏاڻو ڪري ويندو آهي ته پوءِ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته ان کي فلاڻو ڪم ڏيون ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.