تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به آمريڪي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ايران ۾ جاري احتجاج ۽ امڪاني آمريڪي مداخلت جي خدشن تي ايراني پارليامينٽ جو غير معمولي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آمريڪي حملي جي صورت ۾ ايران جي ردعمل ۽ ملڪي سلامتي جي معاملن تي غور ڪيو ويو.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته ان جو جواب ضرور ڏنو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي اسرائيل ۽ خطي ۾ آمريڪي اڏن کي به نشانو بڻايو ويندو.
هن الزام هنيو ته ايران ۾ تازي ڏڦيڙ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جو هٿ آهي.
واضح رهي ته ايران ۾ امڪاني آمريڪي مداخلت کي ڏسندي اسرائيل به هاءِ الرٽ تي آهي.
You might also like