بلومبرگ جي رپورٽ موجب ترڪي سعودي عرب ۽ ايٽمي صلاحيت رکندڙ پاڪستان وچ ۾ طئي ٿيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو خواهشمند آهي، جنهن سان وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان اڳتي طاقت جي توازن ۾ نمايان تبديلي جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.
باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل ان معاهدي ۾ اها شق شامل آهي ته ڪنهن هڪ ملڪ خلاف جارحيت کي سڀني رڪن ملڪن خلاف حملو تصور ڪيو ويندو، جيڪو نيٽو جي آرٽيڪل فائيو سان مشابهت رکي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته ترڪي آمريڪا کان پوءِ نيٽو جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت رکي ٿو، تنهنڪري ان جي امڪاني شموليت هن اتحاد کي غير معمولي دفاعي وزن ڏئي سگهي ٿي.
ذريعن موجب ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ان حوالي سان ڳالهيون انتهائي اڳڀرائي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪنهن حتمي معاهدي جا امڪان ڪافي مضبوط آهن.
ان تجويز ڪيل دفاعي اتحاد کي ان ڪري به منطقي قرار ڏنو پيو وڃي ته ٽنهي ملڪن جا مفاد هاڻي ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر توڙي آفريقا ۾ به هڪ ٻئي سان وڌندڙ هم آهنگ نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته ترڪي هن اتحاد کي اهڙي وقت ۾ پنهنجي سلامتي ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ جو ذريعو سمجهي ٿو، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جا نيٽو سان وابستگي تي سوال اڀري رهيا آهن، توڙي جو آمريڪا جا ٽنهي ملڪن سان گهرا فوجي لاڳاپا موجود آهن.
انقرا ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ ٽي اي پي اي وي سان لاڳاپيل اسٽرٽيجڪ ماهر نهات علي اوزجان موجب هن اتحاد ۾ سعودي عرب پنهنجي مالي طاقت، پاڪستان ايٽمي صلاحيت، بيلسٽڪ ميزائل ۽ افرادي قوت، جڏهن ته ترڪي پنهنجو وسيع فوجي تجربو ۽ ترقي يافته دفاعي صنعت کڻي اچي سگهي ٿو.
سندس چوڻ موجب جيئن جيئن آمريڪا علائقي ۾ پنهنجي مفادن ۽ اسرائيل جي ترجيحن کي اوليت ڏئي رهيو آهي تيئن تيئن علائقائي تڪرارن جا اثر ۽ بدلجندڙ حرڪتون ملڪن کي مجبور ڪري رهيون آهن ته هو دوست ۽ دشمن جي نئين سڃاڻپ لاءِ متبادل دفاعي ۽ سيڪيورٽي ميڪنزم جوڙين.
جيتوڻيڪ ترڪي جي دفاع واري وزارت ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي اطلاعات واري وزارت به جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته سعودي اختياريون به هفتي جي موڪل سبب فوري طور تي دستياب نه ٿي سگهيون، تنهن هوندي به جيڪڏهن ترڪي باضابطا طور تي هن دفاعي اتحاد ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته اهو سعودي عرب سان ان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي علامت هوندو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ماضي ۾ مخالف سمجهيا ويندڙ ٻئي ملڪ ڪيترن ئي سالن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ معاشي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ان ئي سلسلي ۾ هن هفتي انقرا ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخ جي پهرين بحري دفاعي ملاقات پڻ منعقد ٿي.
ترڪي ۽ سعودي عرب ايران بابت به پراڻا خدشا رکن ٿا، جيتوڻيڪ هو تهران سان ٽڪراءَ بدران لاڳاپن کي ترجيح ڏين ٿا، اهڙي ريت ٻئي ملڪ شام ۾ هڪ مستحڪم سني قيادت واري رياست ۽ فلسطيني رياست جي قيام جا به حامي آهن.
ٻئي پاسي ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ فوجي لاڳاپا اڳ ئي مضبوط آهن، جتي ترڪي پاڪستان نيوي لاءِ ڪارويٽ جنگي جهاز تيار ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ايف 16 جهاز اپ گريڊ ڪري چڪو آهي ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي به شيئر ڪئي پئي وڃي.
اها ٽنهي ملڪن جي دفاعي مشاورت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ چار ڏينهن جاري فوجي تڪرار کانپوءِ جنگبندي ٿي هئي، جڏهن ته پاڪستان کي پنهنجي اتر واري پاڙيسري افغانستان سان به ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جتي اسلام آباد طالبان تي مخالف شدت پسند گروهن جي ميزباني جا الزام لڳائيندو رهيو آهي.
ان ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ترڪي ۽ قطر ٽياڪڙي جون ڪوششون ڪيون پر اهي ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيون، اهڙيءَ ريت ترڪي جي هن امڪاني شموليت کي علائقي ۾ اڀرندڙ هڪ نئين دفاعي محور طور ڏٺو پيو وڃي، جيڪو ايندڙ سالن ۾ علائقائي سياست ۽ سلامتي جي منظرنامي کي نئين سر ترتيب ڏئي سگهي ٿو.
ترڪي جو پاڪ، سعودي دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو، بلاڪ ٺهڻ جا امڪان
ڳالهيون آخري مرحلن ۾، معاهدو نيٽو سان مشابهت رکندڙ، عسڪري لاڳاپا نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار
You might also like