بنگلاديش بورڊ جي ڊائريڪٽر تميم اقبال کي ”ڀارتي ايجنٽ“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي فنانس ڪميٽي جي چيئرمين ايم نظم الاسلام اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال کي ڀارتي ايجنٽ چئي ڇڏيو، جنهن تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.
بي سي بي ڊائريڪٽر جا اهي ريمارڪس ان وقت سامهون آيا، جڏهن تميم اقبال تازي انٽرويو ۾ تجويز ڏني ته بورڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي شرڪت جي حوالي سان حتمي فيصلي کان اڳ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
تميم اقبال جو اهو بيان سيڪيورٽي خدشن سبب بورڊ طرفان ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي اعلان کانپوءِ سامهون آيو.
نظم الاسلام پوسٽ ۾ لکيو ته هن ڀيري بنگلاديش جي ماڻهن پنهنجي اکين سان هڪ ٻيو ثابت ٿيل ڀارتي ايجنٽ ڏٺو آهي.
بنگلاديش جي ڪرڪيٽرز ويلفيئر ايسوسيئيشن ان بيان جي مذمت ڪندي بورڊ جي ڊائريڪٽر کان عوامي معافي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.