يوٽيوب سرچ فلٽرز ۾ وڏيون تبديليون، ڇا ڇا نئون هوندو؟

يوٽيوب واهپيدارن جي راءِ جي بنياد تي سرچ فلٽرز ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرايون آهن، جنهن جو مقصد سرچ نتيجن کي گهٽ منجهيل ۽ وڌيڪ سولو بڻائڻ آهي.
نئين اپڊيٽ تحت شارٽس، ڊگهي دورانئي وارين وڊيوز ۽ لائيو مواد کي سرچ نتيجن ۾ الڳ ۽ واضح انداز ۾ ڏيکاريو ويندو ڇو ته پليٽفارم تي مواد جي مقدار مسلسل وڌي رهيو آهي.
يوٽيوب موجب، وڊيوز جي وڌندڙ انگ سبب واهپيدارن کي گهربل مواد ڳولڻ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، نوان فلٽرز ان عمل کي آسان بڻائيندا ۽ واهپيدارن کي نتيجن جو بهتر جائزو وٺڻ ۾ مدد ڏيندا، خاص طور تي جڏهن هو ڪنهن مخصوص قسم جي وڊيو ڳولي رهيا هوندا.
تازي اپڊيٽ ۾ سڀ کان نمايان تبديلي وڊيو ٽائپ تحت شارٽس فلٽر جو وڌارو آهي.
نئين فلٽر ذريعي واهپيدار سرچ دوران سولائيءَ سان يوٽيوب شارٽس ۽ عام وڊيوز ۾ فرق ڪري سگهن ٿا.
ان کان اڳ سرچ نتيجن ۾ ٻنهي قسمن جون وڊيوز گڏ نظر اينديون هيون، جنهن سبب واهپيدار غير ضروري مواد ۾ منجهي پوندا هئا.
شارٽس ۽ ٻين وڊيوز کي الڳ ڪرڻ سان سرچ نتيجا وڌيڪ درست ٿيندا ۽ غير ضروري مواد ڏسڻ جي ضرورت گهٽجي ويندي. هيءَ تبديلي خاص طور تي اهڙن واهپيدارن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي جيڪي پليٽفارم تي ٽيوٽوريلز، خبرون يا تفريحي مواد باقاعدگي سان ڳولين ٿا.
ان کانسواءِ يوٽيوب Sort By جي نالي کي تبديل ڪري Prioritise ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن واهپيدارن کي واضح ٿي سگهي ته نتيجا ڪهڙي بنياد تي ترتيب ڏنا پيا وڃن.
اهڙي ريت View Count فلٽر کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي Popularity وارو آپشن شامل ڪيو ويو آهي.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته الگورٿم وڊيوز کي رڳو ويوز جي انگ تي نه پر انهي ڳالهه تي پڻ درجابندي ڪري ٿو ته ڪا وڊيو سرچ سان ڪيترو لاڳاپيل ۽ واهپيدار لاءِ ڪيتري لاڀائتي ٿي سگهي ٿو.
اهڙي نموني گهٽ ويوز جي باوجود به لاڳاپيل وڊيوز بهتر رينڪ حاصل ڪري سگهن ٿيون.
سرچ فلٽرز کي وڌيڪ سادو بڻائڻ لاءِ ٻه آپشنز Upload Date Last Hour ۽ Sort by Rating پڻ ختم ڪيا ويا آهن. ڪمپني موجب، تازيون وڊيوز ٻين ڊيٽ فلٽرز ذريعي ۽ وڌيڪ ڏٺيون ويندڙ وڊيوز Popularity آپشن ذريعي هاڻي به سولائيءَ سان ڳولي سگهجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.