برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽين چيو آهي ته اسان کي گڏجي دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻن ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻو پوندو.
برلن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جرمن صدر آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي.
هن خبردار ڪيو ته عالمي قانونن ۽ اتحاد کي نظرانداز ڪيو ويو ته دنيا هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندي، جتي طاقتور ملڪ ڪمزور رياستن کي پنهنجي مرضي جي تابع ڪندا.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي پاليسيون عالمي نظام کي تباهه ڪري رهيون آهن، دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو هو ته مون وٽ ڪنهن به ملڪ تي آمريڪي فوجي ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ جو مڪمل اختيار آهي.
You might also like