ڀارت ۾ نقاب ڪندڙ عورتن کي زيور کپائڻ تي پابندي، نئون تڪرار پيدا ٿي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ حجاب ۽ نقاب ڪندڙ عورتن کي زيور نه کپائڻ جي فيصلي نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو.
بهار ۾ سونارن هدايت جاري ڪئي آهي ته پردي يا ماسڪ ۾ ايندڙ گراهڪن کي سون جي خريداري جي اجازت نه هوندي.
اهو فيصلو آل انڊيا جيولرز ۽ گولڊ فيڊريشن بهار طرفان سيڪيورٽي خدشن جو بهانو بڻائي ڪيو ويو آهي.
فيڊريشن جي هدايت موجب حجاب، نقاب، اسڪارف، هيلمٽ يا ڪنهن به طريقي سان چهرو لڪائيندڙن کي رڳو ان صورت ۾ خريداري جي اجازت هوندي، جڏهن هو عارضي طور پنهنجو چهرو ڏيکاري سڃاڻپ ثابت ڪندا.
راشٽريا جنتا دل جي ترجمان ايزاز احمد ان فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو آئين جي سيڪيولر اصولن جي خلاف آهي.
هن الزام هنيو ته ان جي پويان بي جي پي ۽ آر ايس ايس آهي، حجاب ۽ نقاب کي سيڪيورٽي جي نالي تي نشانو بڻائڻ مذهبي جذبن کي ڇيهو رسائي ٿو ۽ آئين تحت ڏنل مذهبي آزادي جي بنيادي حق کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ناقدن جو چوڻ آهي ته اهو قدم مسلم ڪميونٽي جي مذهبي حقن کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ بنيادي آزادين جي خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.