ڪراچي: وارنٽي وارو ريفريجريٽر خراب ٿيڻ تي ڪمپني تي ڳرو ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لائف ٽائيم وارنٽي هوندي به ڪجهه مهينن اندر ريفريجريٽر خراب ٿيڻ جو ڪيس ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ڏکڻ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي عدالت شهري جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو.
شهري عارف ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ عدالت ڪمپني کي هدايت ڪئي ته هو درخواست گذار کي 2 لک رپيا معاوضو ادا ڪري، جڏهن ته 50 هزار رپيا قانوني خرچن طور پڻ ڏيڻا پوندا.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته خراب ٿيل ريفريجريٽر کي نئين ريفريجريٽر سان تبديل ڪيو وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته عارف ڪجهه مهينا اڳ ڪلفٽن واري علائقي مان ريفريجريٽر خريد ڪيو هو، جنهن تي ڪمپني لائف ٽائيم وارنٽي ڏني هئي پر جلد ئي اهو خراب ٿي ويو، ڪيترين ئي شڪايتن باوجود ڪمپني مسئلو حل نه ڪيو، جنهن بعد عدالت سان رابطو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.