ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا ۽ گلوڪارا رابي پيرزادا پنهنجي ذاتي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ رابي پيرزادا پهريون ڀيرو انڪشاف ڪيو ته مان شادي شده هيس پر پوءِ خلع ورتي هئي.
هن ٻڌايو ته مان پهريون ڀيرو اها ڳالهه عوام سامهون آڻي رهي آهيان، ان کان اڳ ڪڏهن به پنهنجي شادي ۽ عليحدگي تي ناهي ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته مان ڪنهن جي خلاف ڳالهائڻ نٿي چاهيان پر حالتن مون کي خلع وٺڻ تي مجبور ڪيو.
رابي چيو ته مان والدين جي دٻاءَ ۾ اچي مٽاسٽا جي شادي ڪئي هئي، جنهن تي افسوس آهي، اهڙي قسم جون شاديون اڪثر مسئلا پيدا ڪنديون آهن.
واضح رهي ته رابي پيرزادا تازو هڪ ڀيرو ٻيهر نڪاح ڪيو آهي، جنهن جون تصويرون هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون.
You might also like