راولپنڊي ۾ گدڙ جي حملي ۾ ماءُ ۽ ٻار سخت زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي تعلقي ڪلر سيدان ۾ گدڙ حملو ڪري ماءُ ۽ ٻار کي زخمي ڪري وڌو.
واقعي تي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، ريسڪيو ميڊيڪل ٽيم طبي امداد ڏيندي ماءُ ۽ ٻار کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ريسڪيو عملي موجب ماءُ ۽ ٻار جي چهري ۽ ڄنگهن تي زخم آهن.
واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ به ڪلر سيدان جي علائقي چنام ۾ گدڙ جي حملي ۾ 14 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.