نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سومر ڏينهن هنگامي اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ وينزويلا ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائي تي وڌندڙ عالمي ڳڻتي ۽ عالمي نظام کي پيش امڪاني خطرن تي غور ڪيو ويندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونتو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ۾ تازي اڳڀرائي عالمي قانونن لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿي.
سندس ترجمان موجب سيڪريٽري جنرل کي ڳڻتي آهي ته آمريڪا جي ڪارروائي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
اهو اجلاس ڪولمبيا جي درخواست تي گهرايو ويو آهي، جنهن جي چين ۽ روس حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته وينزويلا به باضابطا طور سلامتي ڪائونسل سان رابطو ڪيو آهي.
وينزويلا تي آمريڪي ڪارروائي کانپوءِ عالمي سطح تي ڳڻتي، سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب
You might also like