بنگلاديش جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديشي بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بي سي بي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي هنگامي اجلاس ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڊيولپمينٽ بابت جائزو ويو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ بورڊ آف گورنرز فيصلو ڪيو ته بنگلاديش جي ٽيم ڀارت نه ويندي.
بورڊ موجب ان فيصلي کان آءِ سي سي کي باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ بنگلاديش بورڊ انتظار ڪري رهيو آهي ته آءِ سي سي صورتحال کي سمجهندي جلد ان معاملي تي جواب ڏيندو.
هوڏانهن بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار چيو ته اسان بورڊ جي ان فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا جيڪو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي جارحاڻي ۽ فرقيواراڻي پاليسين کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي انتهاپسندن جي دٻاءَ ۾ اچي آءِ پي ايل مان فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي رليز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي بورڊن ۾ ڇڪتاڻ وڌي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجون ميچون سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جو چوندو، ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جون ميچون ڀارت ۾ شيڊيول آهن، بنگلاديش کي ٽي ميچون ڪلڪتي ۽ هڪ ممبئي ۾ کيڏڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.