مشهور هالي ووڊ اداڪار جيڪي چن به غزا جي معصوم ٻارن جي حالت ڏسي روئي ويٺو.
جيڪي چن جي تازو هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪيئن غزا جي هڪ ٻار جي ڳالهين کيس روئاري ڇڏيو.
هن چيو ته مان هڪ وڊيو ڏٺي، جيئن ئي مان ان ٻار کي ڳالهائيندي ٻڌو، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
جڏهن ٻار کان پڇيو ويو ته تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟ ته ان جواب ڏنو، اسان جا ٻار وڏا ناهن ٿيندا.
جيڪي چن چيو ته اهو ٻڌي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، غزا جا ٻار روز بمباري ڏسي رهيا آهن، جڏهن هڪ ٻار چئي ته هو ڪڏهن وڏو نه ٿي سگهندو ته اهو انسان جي دل کي ڏاڍي تڪليف ڏئي ٿو.
You might also like