اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ ۾ نشپا بلاڪ مان تيل ۽ گيس جي وڏي دريافت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب براگزئي ايڪس – 1 کوهه مان روز 4100 بيرل تيل ۽ 10.5 ملين مڪعب فوٽ گيس جي پيداوار حاصل ٿي، اهو کوهه 5170 ميٽر اونتهائي تائين ڊرل ڪيو ويو.
بيان موجب ڊٽه فارميشن ۾ هائڊرو ڪاربن سان ڀرپور 187 ميٽر زون جي ڪامياب نشاندهي ٿي، نشپا بلاڪ ۾ او جي ڊي سي ايل آپريٽر طور 65 سيڪڙو، جڏهن ته پي پي ايل 30 سيڪڙ ۽ جي ايڇ پي ايل 5 سيڪڙو حصيدار آهي.
ترجمان چيو ته نئين دريافت سان ملڪي ۽ او جي ڊي سي جي توانائي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، مقامي وسيلن کي هٿي سان ملڪ ۾ توانائي جي طلب ۽ پهچ ۾ بهتري ايندي.
You might also like