اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت رات پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا 28 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 253.17 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 57 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 257 رپيا 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.