اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 10 رپيا 68 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 219 رپيا 67 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 11.8 ڪلو تي ٻڌل گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 126 رپيا 9 پيسا وڌي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 2592 رپيا ٿي وئي آهي.
اوگرا موجب نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.
You might also like