ننڍي وهيءَ ۾ اداڪاري مزو ڏيندي هئي، هاڻي وڏي ٿي وئي آهيان:ڪومل عزيز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ڪاروباري شخصيت ڪومل عزيز اداڪاري کي پنهنجي ننڍي عمر ۾ تفريح جو ذريعو قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪومل عزيز ويجهڙ ۾ پنهنجي انسٽاگرام تي مداحن سان سوال جوابن جو سيشن رکيو، جنهن ۾ هن مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ واهپيدار طرفان کائنس پڇيو ويو ته توهان کي اداڪاري ۾ مزو ايندو آهي يا ڪاروبار ۾؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ”ڪاروبار ۾، ڇو ته اتي مون کي پنهنجو دماغ وڌيڪ استعمال ڪرڻ ۽ پيچيده معاملا حل ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، ان کانسواءِ منهنجي مارڪيٽ ويليو عمر سان گڏ وڌندي آهي، اداڪاري ۾ ائين ناهي ٿيندو.“
هن وڌيڪ چيو ته ننڍي عمر ۾ اداڪاري به مزو ڏيندي هئي، شوبز ۾ ميڪ اپ، ڪپڙا ۽ گليمر تيستائين ڏاڍو سٺو لڳندو هو، پر هاڻي مان وڏي ٿي ويئي آهيان.
واضح رهي ته ڪومل عزيز ڊراما انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، جنهن ۾ ”مين نه جانو“، ”راز الفت“ ۽ ”مهلت“ جهڙا ڊراما شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.