ڪراچي ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ هوشيار، ڊرون ڪيمرا جي مدد سان وڊيو رڪارڊ ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو هوائي فائرنگ روڪڻ لاءِ ڊرون اڏايا ويندا، فائرنگ ڪندڙن جي وڊيو رڪارڊ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ڪراچي پوليس هوائي فائرنگ روڪڻ لاءِ ڊرون ڪيمرائون استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شهر ۾ هوائي فائرنگ جي شرپسندي کي روڪڻ لاءِ ڊرون اڏايا ويندا ۽ فائرنگ ڪندڙن جو پتو لڳايو ويندو.
مختلف علائقن ۾ ڊرون جو استعمال ٿيندو ۽ هوائي فائرنگ ڪندڙن جي وڊيو رڪارڊ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو
16 کان وڌيڪ ٿاڻن تي ڊرون ڪيمرائون فراهم ڪيون ويون آهن، گذريل سال جن هنڌن تي وڌيڪ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، اتي 3 ڊرون ماڻهن تي نظر رکندا.
پوليس جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، ان قدم جو مقصد قانون جي عملداري، عوامي آگاهي ۽ قيمتي جانين جو تحفظ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.