ماني کائي اتي جو اتي چانهه پيئندڙ خبردار! اها عادت وڏو نقصان پهچائي ٿي

چانهه پيئڻ جا هونئن ته ڪيترائي فائدا آهن پر کاڌي جي مٿان چانهه پيئڻ جي عادت وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿي.
طبي ماهرن موجب ڪيترائي ماڻهو کاڌي کانپوءِ اتي جو اتي چانهه پيئڻ جا عادي هوندا آهن ۽ ظاهري طور تي معمولي نظر ايندڙ اها عادت هوريان هوريان توانائي ۽ جسماني طاقت کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، جنهن جو اڪثر ماڻهن کي احساس به ناهي هوندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چانهه ۾ موجود ٽيننز (Tannins) جسم لاءِ انتهائي ضروري غذائي جزن جهڙو آئرن، ڪيلشيم ۽ زنڪ جي جذب ٿيڻ ۾ رنڊڪ بڻجندا آهن.
جڏهن توهان کاڌي کانپوءِ فوري طور چانهه پيئندا آهيو ته اهي منرلز درست نموني جذب ناهن ٿي سگهندا، جنهن جي نتيجي ۾ وقت گذرڻ سان رت جي کوٽ، مسلسل ٿڪاوٽ ۽ ذهني ڪمزوري جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
رڳو اهو ئي نه پر کاڌي جي مٿان چانهه پيئڻ سان معدي جو قدرتي هاضمي وارو نظام به متاثر ٿيندو آهي، نتيجي ۾ گيس، تيزابيت ۽ بدهضمي ٿيندي آهي.
طبي ماهرن مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن توهان چانهه جا شوقين آهيو ته اها ضرور پيئو پر کاڌي جي مٿان نه، گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ يا 45 منٽن جو وقفو ضرور رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.