ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: زمبابوي هڪ طرفي مقابلي ۾ عمان کي 8 وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ زمبابوي عمان کي 8 وڪٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو جي سنهاليز اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ڪپتان سڪندر رضا ٽاس کٽي عمان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
زمبابوي ڪنڊيشنز جو فائدو وٺندي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ پاور پلي دوران ئي عماني ٽيم جي چئن بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
ميچ جي ستين اوور ۾ 27 رنس تي 5 وڪٽون وڃائڻ کانپوءِ ونائيڪ شُڪلا 28 ۽ سفيان محمود جي 25 رنسن جي جي اننگز کيڏي جڏهن ته عمان جي ٽيم 19.5 اوورن ۾ 103 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي.
زمبابوي جي طرفان بليسنگ مزاراباني، بريڊ ايونز ۽ رچرڊ نگاراوا 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سڪندر رضا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
عمان طرفان مليل 104 رنس جو هدف زمبابوي 14 هين اوور ۾ ٻن وڪٽن جي نقصان سان حاصل ڪري ورتو.
اوپنر برائن برينٽ 48 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، برينڊن ٽيلر 31 رنسون ٺاهي رٽائر هرٽ ٿيو، مروماني 21 ۽ سڪندر رضا 5 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
عمان طرفان سفيان محمود 2 وڪيٽون ورتيون.
بهترين بالنگ اسپيل تي مزاراباني کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.