حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر لياقت جسڪاڻي حيدرآباد ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته شروعاتي رپورٽن موجب لياقت جسڪاڻي کي گاڏي هلائيندي دل جو دورو پيو، جنهن کان پوءِ ڪار ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لياقت جسڪاڻي پنهنجي ڪار ۾ اڪيلو سفر ڪري رهيو هو ته لطيف آباد نمبر 12 پڪوڙا اسٽاپ جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي.
لياقت جسڪاڻي کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
You might also like