لاهور (ويب ڊيسڪ) من موهڻي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سوشل ميڊيا تي پنهنجي شادي جو اعلان ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس شادي جمعي جي ڏينهن ٿيندي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته هانيا عامر ۽ عاصم اظهر رمضان جي مهيني ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن.
ان ڏس ۾ هڪ مداح هانيا عامر کان سوال ڪيو ته نڪاح سحري کانپوءِ ٿيندو يا افطاري کانپوءِ؟ جنهن تي هانيا عامر واضح طور جواب ڏيندي چيو ته ”جمعي جي ڏينهن منجهند جو“.
اداڪارا جي جواب کانپوءِ مداح هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن ته ڇا هانيا عامر مذاق ڪري رهي آهي يا واقعي پنهنجي شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته هانيا عامر ۽ عاصم اظهر ٻئي پاڪستاني شوبز جا مشهور ستارا آهن، جن جي لاڳاپن ۽ عليحدگي جون خبرون ماضيءَ ۾ ميڊيا جي زينت بڻجنديون رهيون آهن.
ويجهڙائي ۾ ٻئي هڪٻئي جي خانداني تقريبن ۾ شرڪت ڪندا رهيا آهن، جنهن سبب مداحن ۾ سندن امڪاني شادي بابت تجسس وڌي ويو آهي.
هانيا عامر ۽ سندس مداحن وچ ۾ ان کان اڳ به سوشل ميڊيا تي شادي بابت دلچسپ ۽ مزاحيه انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي رهي آهي.