ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪراري لباس سبب مشهوري حاصل ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا خوشي مکرجي ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو بابت ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ خوشي مکرجي چيو ته ماضيءَ ۾ سوريا ڪمار يادو کيس تمام گهڻا پيغام موڪليندو هو، پر هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به رابطو ناهي.
جڏهن رپورٽرن سوال ڪيو ته ڇا هوءَ ڪنهن ڪرڪيٽر کي ڊيٽ ڪرڻ چاهيندي؟، جنهن جي هن واضح لفظن ۾ ان جي ترديد ڪئي.
خوشي مکرجي چيو ته” مان ڪنهن به ڪرڪيٽر کي ڊيٽ نٿي ڪرڻ چاهيان، ڪيترائي ڪرڪيٽر منهنجي پويان آهن، سوريا ڪمار يادو به مون کي گهڻا پيغام موڪليندو هو، پر هاڻي اسان جي وچ ۾ ڪو به رابطو ناهي ۽ مان ڪنهن کي به قسم جي لاڳاپن سان پاڻ کي ڳنڍڻ نٿي چاهيان.“
اداڪارا خوشي مکرجي جي بيان تي اڃا تائين سوريا ڪمار يادو طرفان ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽر سوريا شادي شده آهي ۽ تازو ئي پنهنجي زال ديويشا شيٽي سان گڏ مشهور مندر جو دورو پڻ ڪيو.
You might also like