نوابشاهه: هلندڙ ريل گاڏي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، مسافرن جون دانهون

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ٽرين ٻانڌي ريلوي اسٽيشن ڀرسان سنگين حادثي کان بچي وئي.
ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي دٻن کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ ڪلپنگ کُلي ويا، جنهن سبب ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.
ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجڻ سبب مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ دانهون ڪرڻ لڳا.
ريلوي اختيارين موجب ڪو جاني نقصان نه ٿيو، ٽيڪنيڪل ٽيم رواني ڪئي وئي آهي ۽ ٽرين جي دٻن کي جوڙي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.