حماس پاران عسڪري ترجمان ” ابو عبيده“ سميت اهم ڪمانڊرز جي شهادت جي تصديق

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس پنهنجي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ترجمان ” ابو عبيده“ جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.
القسام بريگيڊز جي نئين ترجمان اڄ جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ ابو عبديه سميت القسام بريگيڊز جي ٻين ڪمانڊرز جي شهادت جي تصديق ڪئي.
ترجمان اسرائيلي حملن ۾ القسام جي اڳواڻن، محمد السنوار، زائد سعد، محمد شبانه، حڪم العيسيٰ جي شهادت جي به تصديق ڪئي.
ترجمان ابو عبيده کي سندس اصل نالي حذيفه الڪحلوت جي نالي سان متعارف ڪرايو، جيڪو القسام ميڊيا ونگ ” الاعلام العسڪري“ جو سربراهه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.