ٻارن کي اباڻو شهر ڏيکارڻ چاهيان ٿو، هڪ ڏينهن خاندان سوڌو پاڪستان ايندس: شاهه رخ خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته هو پراميد آهي اميد هڪ ڏينهن هو پنهنجن ٻارن سان گڏ پشاور ايندو.
سوشل ميڊيا تي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن شاهه رخ خان کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني هئي.
هڪ تقريب دوران حنا رباني شاهه رخ خان کي مخاطب ڪندي چيو ته ” توهان ڀارت ۾ جيترو مشهور آهيو، اوترو ئي پاڪستان ۾ به مشهور آهيو، جنهن تي شاهه رخ خان چيو هو ته سندس وڏڙن جو تعلق به پشاور سان آهي ۽ هو اڃا به اتي (قصه خواني) رهن ٿا.
واضح رهي ته پشاور جو تاريخي قصه خواني بازار جي روايتي قهو خانن، ڪباب جي تڪن ، چپلي ڪباب ۽ سُڪن ميون کانسواءِ سڃاڻپ جو هڪ ٻيو حوالو پڻ آهي.
وائرل وڊيو ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر شاهه رخ خان کي پاڪستان جي دوري دعوت ڏيندي چيو ته پوءِ توهان وٽ پشاور اچڻ جو بهترين جواز موجود آهي.
شاهه رخ خان جواب ۾ چيو ته ” انشاءَ الله، مان ضرور ايندس، اصل ۾ پنهنجن ٻارن سوڌو اتي اچڻ چاهيان ٿو ۽ کين پنهنجو اباڻو علائقو ڏيکارڻ چاهيان ٿو، مان اڳ به اتي وڃي چڪو آهيان.
اداڪار موجب، هو 15 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ پاڪستان آيو، ان دوران هو پشاور به ويو، جنهن کانپوءِ سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو.
شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو ته پيءُ سان گڏ گهاريل لمحن ۾ سڀ کان خوبصورت وقت پشاور ۽ سوات ۾ گذريو، جڏهن ته هو لاهور ۽ ڪراچي سميت پاڪستان جا ٻيا شهر به گهمي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.