”يوڪرين معاهدو نه ڪيو ته روس وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري سگهي ٿو“، ٽرمپ، زيلنسڪي کي خبردار ڪري ڇڏيو

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي جي ملاقات بنا ڪنهن بريڪ ٿرو جي ختم ٿي وئي.
فلوريڊا ۾ ٽرمپ جي رهائشگاهه مارالاگو ۾ آمريڪي ۽ يوڪريني صدرن جي ملاقات ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي.
ملاقات دوران روس يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت امن منصوبي جي مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته يوڪرين جي اوڀر واري علائقي ڊونباس جي مستقبل بابت غير يقيني واري صورتحال اڃا تائين برقرار آهي ۽ ٻئي اڳواڻ ڊونباس بابت ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيا.
ملاقات کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو ته روس ۽ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ معاهدي جي ويجهو آهيون، پر هڪ موقعي تي ڳالهين کي پيچيده قرار ڏيندي هن اعتراف ڪيو ته امن منصوبي جي ڪجهه نڪتن تي اڃا حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.
صدر ٽرمپ موجب، ڊونباس جي مستقبل بابت ڪجهه مسئلا اڃا حل طلب آهن، ڪجهه غير امڪاني رنڊڪون ڳالهين جي سڄي عمل کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، هن خبردار ڪيو ته يوڪرين لاءِ بهتر ٿيندو ته جلد معاهدو ڪري نه ته روس وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري سگهي ٿو.
يوڪريني صدر زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ يوڪرين جي ڳالهين واري عمل ۾ شامل نمائندن گذريل ڪجهه هفتن دوران اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ مسودي جي 90 سيڪڙو نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي.
صدر زيلنسڪي ڊونباس بابت چيو ته ان جو فيصلو آخرڪار يوڪريني عوام ئي ڪندو.
ان دوران يوڪريني صدر چيو ته آمريڪي صدر ڊونباس کي آزاد اقتصادي زون بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي.
زيلنسڪي ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته هو ملڪ جي صنعتي علائقي ڊونباس مان فوجي دستا واپس ڪڍي سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي ته روس به پنهنجون فوجون واپس ڪڍي ۽ علائقي کي بين الاقوامي نگراني هيٺ ڊيميليٽرائزڊ زون بڻايو وڃي.
هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امن معاهدي جي مسودي ۾ يوڪرين جو علائقو ڊونباس وڏي رنڊڪ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته روس سڄي علائقي تي قبضي جو خواهشمند آهي ۽ پيوٽن اڳ ئي چتاءُ ڏئي چڪو آهي ته يوڪرين کي ڊونباس جي ڪنٽرول وارن علائقن تان هٿ کڻڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.