مرتضيٰ وهاب چڙيا گهر ۾ جديد سهولتن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چڙيا گهر ۾ جديد سهولتن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جانورن لاءِ عالمي معيار جا پڃرا ٺاهيا ويا آهن، جانورن جي قدرتي ماحول سان هم آهنگي نظر ۾ رکي وئي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ڪجهه عرصي ۾ زو جي ڪچن کي به پبلڪ ڪنداسين، جيڪو شهري جانورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان سان سهڪار ڪري.
هن چيو ته هزارن جي انگ ۾ ماڻهو تفريح لاءِ چڙيا گهر ايندا آهن، چاهيون ٿا ته شهرين کي سهولتون ملن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.